ٽي ايڇ وني ڪرم

ٽي. ايڇ. وني ڪرم (گهاتم وڄتو ):سنگيت جو هڪ فنڪار. هن کي پيار مان ”وِڪو“ سڏيندا آهن. هي گهاتم، ٺِڪر جي ماٽيءَ جي منهن کي پيٽ سان لڳائي، هٿن سان وڄائي تال ۽ ٺيڪو لڳائيندو آهي. ٽي. ايڇ. وني ڪرم، گهاتم ساز جو البيلو فنڪار آهي. هن گهاتم کي دنيا سان متعارف ڪرايو. هي ڪر ناٽڪي موسيقيءَ جي انگ جو وڄتو آهي. 1945ع ۾ ڄائو. سندس والد هري هاراشرما، مرگڌر جو وڏو فنڪار هو. هن گهاتم وڄائڻ جي سکيا پنهنجي پيءُ کان ورتي. 13 سالن جي عمر ۾ وقت جي وڏن فنڪارن جي. اين بالاسوب مانيام، ماڌو راءِ ماني، سيمن گوڙي ۽ مهاراجا پورام سان گهاتم وڄايائين. هن 1970ع واري ڏهاڪي ۾ استاد ذاڪر علي طبلي نواز سان گهاتم کي يورپ ۾ متعارف ڪرايو. هن ايل- شنڪر ۽ تمام وڏي وائلن نواز جان ميڪلو گهلن سان يورپ ۾ گهاتم تي سنگت ڪئي. وڪو ۽ ذاڪر جو نالو هاڻي يورپ ۾ گڏ ورتو وڃي ٿو. هن وڄت تي ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. هن ڪيترن ئي شاگردن کي هن ساز وڄائڻ جي تربيت ڏني آهي. موجوده وقت ۾ پاڻ، ”گنيش تال وديا وديالا پرهيوشن اسڪول مدراس“ جو پرنسپال آهي. سندس ننڍو ڀاءُ سڀاش چندرا به گهاتم وڄائڻ جو استاد ڪاريگر آهي ۽ هڪ اسڪول ۾ سکيا ڏيندو آهي. هن کي ڪيترائي اوارڊ مليل آهن. 1991ع ۾ کيس دنيا جي موسيقار جو وڏو ايوارڊ گريمي (Grammy) ڏنو ويو، جڏهن ته 1988ع ۾ کيس ’سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي‘ جو اعليٰ پڻ اوارڊ مليل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو